خيرپور رپورٽ: شاهد نواز سيال اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نيب هٿان گرفتاري خلاف سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون نواب وساڻ جي هدايت تي سوين پ پ اڳواڻن، ڪارڪنن پاران وساڻ هائوس خيرپور کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتاجي ريلي ڪڍي ، پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ريليءَ جي اڳواڻي پ پ اڳواڻ غلام رسول سومرو،ثاقب صديقي، علي انجم عباسي،رئيس غلام قادر چانڊيو عنايت شيخ، محمد نواز ميتلو، لالا ڪفايت ميمڻ، مجيب الرحمان ميمڻ،وڪيل شير محمد ٻرڙو، حاجي علي ڏنو جلباڻي،يعقوب کوکر، ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا،ان موقعي تي پ پ اڳواڻن چيو ته نيب گردي کان ڊڄڻ وارا ناهيون، جيل ۽ ڪوڙا ڪيس پ پ کي ورثي ۾ مليا آهن، شهيد ڀٽو جي پارٽي خلاف ملڪ دشمن قوتن هميشه سازشون ڪيون هر دور ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا پرپ پ قيادت ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄڻ بدران هميشه ڄمي مقابلو ڪيو آهي، تاريخ گواهه آهي ته پ پ قيادت ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏئي هميشه سرخرو ٿي آهي، ۽ ٿيندي، هنن چيو ته نيب گردي ۽ آصف علي زداري جي گرفتاري خلاف سخت لفظمن ۾ مذمت ڪريون ٿا، جيڪڏهن آصف علي زرداري کي جلدي آزاد نه ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ جو باضابطا آغاز ڪيو ويندو، جيڪو وفاقي حڪومت جي خاتمي تائين جاري رهندو،