اسلام آباد: (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف پيپلزپارٽي جي صدر آصف علي زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.قومي اسيمبلي جي اسيپڪر اسد قيصر جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته آصف زرداري نيب جي سامهون ڪو به تاخيري حربو استعمال ناهي ڪيو.هن چيو ته آصف زرداري نيب جي هر سوال جو جواب ڏنو. شهباز شريف چيو ته روايتن کي برقرار رکندي اڄ ئي آصف علي زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن. خواجا سعد رفيق جا به پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا.ان مطالبي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته مون کي ان معاملي تي قانوني پهلوئن جي جائزي وٺڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏيو.