ڏوڪري 🙁 ڳالھ ٻولھ. عبدالجبار ميمڻ )اسان جو مرڻ جيئڻ عوام سان آھي،پي ايس 13 جو عوام اسان کي هر وقت ياد آھي انهن کي وساري نٿا سگهون، عوام اڄ به پ پ سان گڏ بيٺي آھي،اسان جو نوجوان پ پ چئرمين بلاول ڀٽو اڄ به عوام جي دلين ۾ گونجي ٿو نيازي حڪومت مهانگائي کان سواء ڪجه به ناهي ڏنو،آصف زرداري مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري عوام کان جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي،فريدآباد سيال هائوس ۾ ڏوڪري ميڊيا جي نمائندن سان ڪيل ڳالهيون،تفصيل موجب آصف زرداري جي مٿان داخل ڪيسن ۾ ڪا به صداقت ناهي اهو صرف ۽ صرف مهناگائي تان ماڻهن جو توجهه هٽائڻ ۽ عوام کان جدا جرڻ لاء نيازي حڪومت سازشون ڪري رهي آھي هن چيو ته آصف زرداري مٿان ڪوڙا ڪيس داخل آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جي صداقت نه آهي.هن چيو ته پ پ هميشه ظلم جو مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪندي رھندي پوءِ ضياء جو دور هجي مشرف يا عمران خان نيازي جو دور هجي هن چيو ته اسان جي پارٽي ڄمي ڪري انهن جو مقابلو ڪري پاڻ کي بي ڏوهي قرار ڪرايو آهي هن چيو ته پ پ هڪ وڏي پارٽي آهي جنهن جي مقبوليت ڏسي ڪري نيازي حڪومت اسان جي اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهي آھي.هن چيو ته اسان ڪنهن به بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ پي ايس 13 جي عوام کي اسان وساريو ناهي هن چيو ته اڄ به پي ايس 13 جي عوام سان سيال ڀائر محبت ڪن ٿا انهن کي غمي خوشي ۾ ڪڏھن ناهي ڇڏيو،پر انهن سان هر وقت هر موڙ تي سيال ڀائر گڏ آهن هن چيو ته مون وٽ وڌ کان وڌ پي ايس 13 جا ماڻهو گهڻا مسئلا کڻي ايندا آهن جن کي حل ڪندو آهيان هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ماڻهو جي ڊي اي ۽ پي ٽي آء کي ڇڏيندا ٿا وڃن ۽ پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن ھن چيو ته سڄي سنڌ ۾ مخالفن جي تڏا ويڙھ ٿي ويندي ۽ ڪو به مخالف سنڌ ۾ نه رهندو. هن چيو ته اسان وٽ مخالف پارٽي جا ماڻھو به ڪم لاء ايندا آهن انهن ماڻھن جا بنا ڪنهن فرق جي ڪم ڪندا آهيون.هن چيو ته پ پ هڪ پهاڙ مسل آهي جنهن سان ٽڪر کائڻ وارا ظاهر ئي نه هوندا.هن چيو ته هاڻي ڏسو پيٽرول گئس تيل جو اگھ ڪٿي پهتو آهي هن چيو ته غريب عوام کي نيازي حڪومت مهانگائي کان سواء ڪجه به ناهي ڏنو هن چيو ته جيڪي عوام تيل جون دانهون ڪندا هئا هاڻي ڏسو ته نيازي حڪومت ڪيتري مهانگائي ڪئي آھي هن چيو ته هاڻي ڏسون ٿا وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ عوام کي ڪھڙو فائدو ڏيئي ٿي. هن چيو ته انشاء الله وفاق ۾ پ پ حڪومت ٺاهيندي ۽ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو.ان موقعي تي رئيس عمران خان جتوئي.ارشاد علي جوڻيجو.مزمل ارشاد جوڻيجو.پي آر او نظير قريشي غلام مصطفئ گاڏھي جي ايم جهتيال عبدالجبار ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.