وزيراعظم او آءِ سي اجلاس ۾ مسلمانن جي جذبن جي درست عڪاسي ڪئي:فردوس عاشق

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم او آءِ سي سربراهه اجلاس ۾ مسلمانن جي جذبن جي درست عڪاسي ڪئي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان او آءِ سي جي سربراهه اجلاس ۾ تاريخي خطاب ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مسلمانن جي جذبن جي درست عڪاسي ڪئي ۽ اسلام جي حقيقي سڃاڻپ جو نئون رستو ڏيکاريو آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جو وڪيل بڻجي اڀريو آهي، چٽو موقف اختيار ڪيو، ڪشميرين جي جدوجهد کي دهشتگردي جو نالو نه ٿو ڏئي سگهجي.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم جو سائنس تي زور اسلامي دنيا کي سندن ميراث ياد ڏياري ٿو، عظيم مسلم سائنسدان، جديد علمن جا باني، موجد ۽ استاد شامل آهن. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان 30 مئي تي سعودي عرب پهتو هو جتي هن 14هين اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *