اسلام آباد: (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس جي منتقلي جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.آصف زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ مان اسلام آباد جي احتساب عدالت منتقلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پاران داخل ڪيل اپيل ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري پ پ جو صدر آهي ۽ صدر پاڪستان به رهي چڪو آهي، کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻايو به بڻايو ويو آهي ۽ هو جيل ۾ به رهيو آهي. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري بي بنياد ۽ ڪوڙن ڪيس مان بري ٿيو، ايف آءِ اي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي جاچ شروع ڪئي جڏهن ته آصف زرداري کي عبوري چالان ۾ جوابدار نه بڻايو ويو آهي. اپيل ۾ عدالت کي درخواست ڪئي وئي ته ڪوڙي ۽ بي بنياد جعلي اڪائونٽس ڪيس مان آصف زرداري کي الڳ ڪيو وڃي.ياد رهي ته ايف آءِ اي گذريل سال 6 جولاءِ تي بينڪنگ ڪورٽ ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس داخل ڪيو هو جنهن جي قريبن 8 مهينن تائين ٻڌڻي ٿي. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ڪيس ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ حفاظتي ضمانت وٺي ڇڏي آهي.