پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي سي اي او رچرڊ مورن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي: (م ڊ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر(سي اي او) رچرڊ مورن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي.رچرڊ مورن 7 نومبر 2017 تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي سي اي او مقرر ڪيو ويو هو جنهن جي بورڊ آف ڊائريڪٽر گڏيل طور منظوري به ڏني هئي. پهريون دفعو ڪنهن غير ملڪي کي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جو سي اي او بنايو ويو هو. جنهن تي بروڪرز طرفان به اعتراض واريا ويا هئا. اسٽاڪ مارڪيٽ جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي اڪثريت سندس مقرري تي پهريان ئي تحفظات جو اظهار ڪري ڇڏيو هو.اسٽاڪ ايڪسچينج جي سي اي او مورين کي بورڊ آف ڊائريڪٽرز طرفان شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو ته توهان مفادن جو ٽڪراءُ جيڪو اسٽاڪ مارڪيٽ سان آهي تنهن کي ڪهڙي نموني آپريٽ ڪندا آهيو. مورين جواب ڏيڻ بدران پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن کي بورڊ آف ڊائريڪٽرز طرفان منظور به ڪيو ويو آهي.ايس اي سي پي به مقرري تي اعتراض ڪيو هو جڏهن ته هو پنهنجو ٽن سالن جو مدو به پورو نه ڪري سگهيو آهي.  ٻئي طرف 31 مئي آخري جمعي تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ موڪل جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪابه ڏيتي ليتي نه ڪئي ويندي.ٻڌايو پيو وڃي ته رچرڊ مورن پاڪستان ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏ پرڏيهه ۾ پنهنجو ذاتي ڪاروبار به ڪري رهيو هو ۽ ان جي توجه اسٽاڪ ايڪسچينج جي بجاءِ پنهنجي ڪمپني جي طرف وڌيڪ هئي. جنهن تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج بورڊ کيس شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيو هو پر هو بورڊ کي مطمئن نه ڪري سگهيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *