موجوده حڪمران سنڌ کان ادارا کسي وفاق کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن؛بلاول

لاڙڪاڻو:(هه آ)  پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران لاڙڪاڻي پهچي شيخ زيد ٻاراڻي اسپتال ۾ ايمرجنسي روم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي فوڪس ڪيو پيو وڃي.جڏهن ته سول اسپتال، جناح اسپتال، نيو ڪراچي ۽ عباسي شهيد اسپتال م سنڌ حڪومت چائلڊ لائف دائونڊيشن جي مدد سان پبلڪ پرائيويٽ پاٽنر شپ تي اي آر کولي آهي، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ اسپتالن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، ڊاڪٽرز طرفان هڪ ٻار کي ايمرجنسي روم ۾ ڏٺو ويندو آهي، ته جيئن ٻار جي زندگي بچائڻ ۾ وڌيڪ مدد حاصل ٿيندي آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي کانپوءِ سکر ۽ جيڪب آباد سميت سڄي سنڌ ۾ پڻ ايمرجنسي روم کوليا ويندا.هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي رينڪنگ ۾ ايشيا ۾ صرف سنڌ صوبو ۽ گجرات صوبو شامل آهن ۽ سنڌ 6 نمبر رينڪنگ ۾ آهي، جڏهن ته سنڌ اينگرو، ٿر ڪول منصوبو، جهرڪ ملاڪاتيار پل، ڪراچي ٺٺو ڊئل ڪيريج وي سميت ٻيا منصوبا پبلڪ پاٽرنرشپ تحت ٺاهيا، جڏهن ته هڪ ڏينهن عوام موقعو ڏيندو ته وفاق ۾ حڪومت ٺاهينداسين ۽ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو سڄو پاڪستان پبلڪ پاٽنرشپ جي تحت منصوبا هر ڪم شروع ٿيندا.هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪمران سنڌ کان ادارا کسي وفاق کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن، خان صاحب ليڊي ريڊنگ اسپتال کي ماڊل اسپتال ٺاهڻ چاهي پيو، پر هاڻي ليڊي ريڊنگ اسپتال کي خان صاحب پنهنجي مائٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسپتال جو ستيا ناس ڪيو ويو آهي.هن چيو ته جناح اسپتال ۾ سائيبر نائيف ٽيڪلاجي ڏني وئي آهي، هي ماڻهو جڏهن پاڻ ڪجھ نه ڪري سگهندا آهن ته سنڌ کان ادارا کسي رهيا آهن، اسان ڪنهن کان خيريات ناهيون گهري رهيا اسان صرف پنهنجو حق گهري رهيا آهيون.جڏهن ته اسان کي ايم ايف سي ۾ حصو نه ٿو ڏنو وڃي، سنڌ مان گئس پيدا ٿيندي آهي ۽ سنڌ جو ئي گئس بند ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته 1991 جي معاهدي تحت حصي جو پاڻي به نه ٿو ڏنو وڃي. معاشي طور تي وفاقي حڪومت سنڌ کي ڪمزور ڪري رهي آهي، اسان عمران خان جي حڪومت کي خبردار ڪيون ٿا ته ٽن اسپتالن واور نوٽيفڪيش واپس ورتو وڃي. ٻي صورت ۾ سنڌ جي عوام سان گڏ اسلام آباد پهچندس ۽ پنهنجو حق وٺي رهندس.هن وقت به ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور مذمت ڪئي ويندي. جڏهن ته فيصلا اسلام آباد ۾ ويٺل ڪٽ پتلي ڪري رهيو آهي، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.هن چيو ته وفاقي حڪومت ڄاڻي واڻي ايڊز اشو اٿاري سنڌ جي عوام خلاف سازش ڪري رهي آهي، جڏهن ته پنجاب صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڊز جا مريض موجود آهن، جنهن جو ذڪر ڇو نه ٿو ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *