اسلام آباد: (بيورو) چين جي نائب صدر وانگ ڪشان جي پاڪستان دوري ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.چين جو نائب صدر وانگ ڪشان اعليٰ سطح جي وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو جتي ائيرپورٽ تي پرڏيهي وزير ساهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي بابت وزير خسرو بختيار سندس استقبال ڪيو.چيني نائب صدر جي اعزاز ۾ ايوان صدر ۾ هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ صدر عارف علوي معزز مهمان کي اعليٰ ترين سول اعزاز نشان پاڪستان سان نوازيو. وانگ ڪشان اسلام آباد ۾ فرينڊز آف سلڪ روڊ سيمينار ۾ به شرڪت ڪئي.ان کانپوءِ چين جو نائب صدر ايوان وزيراعظم پهتو جتي وزيراعظم معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي.پاڪستان ۽ چين معاشي، ٽيڪنيڪل معاملن ۽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ جي شعبي ۾ تعاون جي ايم او يوز تي صحيحون ڪيون. چين جو صدر گنڌارا جو دورو به ڪندو جتي کيس گنڌارا جي قديم تهذيب جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي.