لاهور: (م ڊ) نيب نجي ٽي وي تي نيب چيئرمين جي حوالي سان نشر ٿيندڙ خبر جي سختي سان ترديد ڪندي ان کي حقيقتن جي ابتڙ، گهڙيل ۽ پروپيگنڊا قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو هڪ بليڪ ميلرز جو گروپ آهي جنهن جو مقصد نيب چيئرمين جي ساک کي مجروح ڪرڻ آهي.نيب ترجمان موجب نيب سموري دٻاءُ ۽ بليڪ ميلنگ کي پوئتي رکندي ان بليڪ ميلر گروهه جي ٻن ماڻهن کي نه صرف گرفتار ڪيو پر ريفرنس جي به منظوري ڏني، ان گروپ جي خلاف ملڪ جي مختلف حصن ۾ 42 ايف آءِ ار داخل آهن جن ۾ بليڪ ميلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا، عوام کي وڏي پيماني تي لٽڻ، نيب ۽ ايف آءِ اي جا جعلي آفيسر بڻجي سرڪاري ۽ پرائيويٽ ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري ڪروڙين روپيا لٽڻ جا ثبوت نيب وٽ موجود آهن.نيب موجب هاڻوڪي خبر به بليڪ ميلنگ ڪري نيب جي ريفرنس کان فرار جو رستو آهي جڏهن ته ان ذڪر ڪيل بليڪ ميلنگ گروپ جو سربراهه فاروق هن وقت ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ قيد آهي. ٻئي طرف نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ڪنهن قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس، پنهنجي مقصد تي بيٺو رهندس ۽ احتساب جو عمل جاري رهندو.