اسلام آباد: (بيورو) سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته اهو وقت پري ناهي جڏهن ملڪي معيشت مستحڪم ۽ قوم خوشحال ٿيندي.وزيراعظم عمران خان جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ۾ چيو ته هڪ ڏهاڪي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2135 پوائنٽن جي واڌ هڪ نئون رڪارڊ آهي.گذريل ٻن ڏينهن ۾ حصص جي ڪاروبار ۾ اهو سڀ کان وڌيڪ واڌ آهي، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن ملڪي معيشت مستحڪم ۽ قوم خوشحال ٿيندي.