ڪراچي ٽول پلازه وٽ 40 مسافر ڪوچز تي ڇاپا،40 هزار روپيا واڌو اوڳاڙيل ڀاڙا مسافرن کي ۽ ڊرائيورن تي 27 هزار روپيا ڏنڊ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران عيد جي موقعي تي مسافرن کان واڌو ڀاڙا اوڳاڙيندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان، ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادرشاهه پاران بس اڏن جي مانيٽرنگ لاءِ ڪميٽيون جورڻ جو فيصلو، سموري سنڌ جا ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنر، آرٽي ءِ پوليس واڌو ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائيون ڪري روپورٽ پيس ڪندا. واڌو ڀاڙا اوڳاڙيندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. ٽرانسپورٽ واري وزير ڪراچي ٽول پلازه وٽ مسافر ڪوچز تي ڇاپا هڻي مسافر کان وڌيڪ اوڳاڙيل ڀاڙا واپس ڪرايا، ڊرائيورن تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عيد تي ڪنهن به مسافر گاڏي کي  عوام کان واڌو ڀاڙا وٺڻ جي اجازت نه ڏبي، ڪراچي جي ٽرانسپورٽرن کي به ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ مسافرن کان واڌو ڪرايا نه وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي، گهوٽڪي، شڪارپور، ٺٺو، بدين ۽ ٻين ضلعن جا آفيسر واڌو ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف  ڪارروائي ڪري روزانه جي بنياد رپورٽ پيش ڪندا. هن چيو ته وفاقي جي نااهلي سبب ڪراين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر سنڌ حڪومت سنڌ واڌو ڪرايا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي. اويس شاهه چيو ته ڪراچي ٽول پلازه وٽ 40 مسافر ڪوچز تي ڇاپا هڻي، 40 هزار روپيا واڌو اوڳاڙيل ڀاڙا مسافرن کي واپس ڪرايا ويا ۽ ڊرائيورن تي 27 هزار کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. هن  شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ريلوي سنڌ جو نه پر وفاقي حڪومت جو سبجيڪٽ آهي، ڪراچي سرڪيولر ريلوي وفاق مڪمل ڪري سنڌ حڪومت حوالي ڪندو، ڪراچي سرڪيولر ريلوي وفاقي حڪومت مڪمل ڪري ڏيندي ته پوءِ سنڌ حڪومت هلائڻ تيار آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پهريان ئي چيو هو ته جيستائين ريلوي جو وزير شيخ رشيد آهي تيستائين ڪوبه منصوبو مڪمل نه ٿي سگهندو، شيخ رشيد اڄ تائين سنڌ جي ڪنهن به نمائندي سان ملاقات ناهي ڪئي، سپرئيم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ حڪومت تيزي سان ريلوي تان حد دخليون هٽائي رهي آهي، ٽرينن جو نظام پهريان کان وڌيڪ خراب ٿيندو پيو وڃي ۽ شيخ ريلوي پنهنجي وزارت بچائڻ لاءِ هر روز عمران خان کي نيون لوريون ٻڌائي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *