وفاق سنڌ جي اسپتالن متعلق فيصلو واپس وٺي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: (م د)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي ٽن اسپتالن جو ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ تي شديد تحفظات جو اظهار ڪندي هن قدم کي صوبائي خودمختاري تي حملي جي مترادف قرار ڏنو آهي.هن بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته وفاقي حڪومت عوام جي ڪاوڙ ۽ غضب کان پهرين سنڌ جي ٽن اسپتالن متعلق پنهنجو فيصلو واپس وٺي، هر فورم تي وفاقي حڪومت جي هن قدم جي مزاحمت ڪئي ويندي. بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت جي نظرثاني واري اپيل تي فيصلي جو به انتظار نه ڪيو.هن چيو ته جي پي ايم سي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ تي سنڌ جي عوام جا اربين رپيا لڳل آهن. ارڙهين ترميم تحت مليل ڄاڻايل اسپتالن ۾ سنڌ حڪومت انقلابي قدم کنيا، اين آءِ سي وي ڊي جو ٻين شهرن ۾ قائم ٿيڻ سنڌ حڪومت جو قابل تحسين قدم آهي.پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اين سي آءِ وي ڊي ۾ سڄي ملڪ مان اچڻ اورن مريضن جي علاج جو خرچ سنڌ حڪومت کڻندي آهي. پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جي عوام پنهنجي ٽيڪس ۽ محنت سان ٺاهيل اثاثن کي غصب نه ڪندا. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته نيب چيئرمين طرفان وفاقي وزيرن خلاف جاچ روڪڻ جي اعترافي بيان ۽ وفاقي حڪومت جي هاڻوڪي قدم ملڪ ۾ آئين بحران کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *