نيب جو مقصد بي بنياد الزام لڳائڻ ۽ سياستدانن کي بدنام ڪرڻ آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قومي احتساب بيورو(نيب) چيئرمين جي تازي انٽرويو کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پوين 4 ڏينهن دوران نيب بابت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو هو ان تي ڳڻتي آهي. اسان پهرين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته ملڪ ۾ جيڪو نيب آهي ان جو هڪ ئي مقصد آهي ته سياستدانن کي بدنام ڪيو وڃي ۽ انهن مٿان بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام هنيا وڃن. مسلم ليگ ن نيب چيئرمين جاويد اقبال کي ڌر قرار ڏيندي چيو آهي ته سياستدانن کي بدنام ڪيو پيو وڃي جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿيندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته شهباز شريف جي نيب چيئرمين سان ڪا ملاقات نه ٿي آهي،  نيب چيئرمين سان اها ڳالهه ڳنڍي وئي ته نواز شريف به رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته  چئن ڏينهن کان نيب بابت جيڪو ٿي رهيو آهي تنهن تي ڳڻتي آهي. سندس چوڻ هو ته نيب ڪامورا شاهي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، عليم خان جي ضمانت ٿي وڃي ٿي فواد حسن فواد ۽ احد چيما کي ضمانت نه ٿي ملي.  شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ جاويد چوڌري جي ڪالم جي ڪابه ڳالهه نه ڪئي، نيب جي پيدا ڪيل مسئلن جو جواب ڪير ڏيندو.شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب چيئرمين چيو ته واپارين کي تنگ نه ڪندو پر سياستدانن کي بخش نه ڪندو، ميڊيا سامهون ڊگهي تقرير ڪئي وئي. هن چيو ته نيب چيئرمين جي اداري ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو تنهن جو جائزو وٺي، جيڪو سوالنامو موڪليو وڃي ٿو تنهن کي ويب سائيٽ تي رکيو وڃي ته جيئن قوم کي خبر پئجي سگهي.  هن چيو ته مان چوندس ته اهو سوالنامو وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کي به موڪليو وڃي. هن ڇيو ته يا ته جاويد چوڌري ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي يا نيب چيئرمين ڪوڙ پيو ڳالهائي. نيب جي انٽرويو جو ڪهڙو مقصد هو اهو وقت سان گڏ ظاهر ٿي ويندو.شاهد خاقان چيو ته مسلم ليگ(ن) کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه احتساب جي حق ۾ ناهي. آئون هن ملڪ جو وزيراعظم رهي چڪو آهيان 8 گوشوارا نيب کي ڀري ڏنا هئم جيڪي ائون انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ڪندس ته جيئن عوام کي خبر پئجي سگهي ته نيب هن ملڪ ۾ ڪري ڇا رهيو آهي. هن چيو ته جنهن به سياستدان تي الزام لڳائين اهو سوالنامو انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ڪن ته جيئن عوام کي خبر پوي ته ڪهڙا سوال ٿيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *