اسلام آباد: (بيورو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي راڄڌاني مان پينو فقيرن جي گرفتاري تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته پينو فقيرن کي گرفتار ڪرڻو آهي ته ان جي شروعات سليڪٽڊ وزيراعظم کان ڪريو.هن چيو ته هي غربت نه غريب ختم ڪيو حڪومت آهي. سماجي رابطن واري ويب سايئٽ ٽوئيٽر تي اسلام آباد جي سيڪٽر ايف-10 ۽ ايف -11 ۾ پينو فقيرن خلاف انتظاميا جي ايڪشن تي تبصرو ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لکيو آهي ته جيڪڏهن ته پينو فقيرن کي گرفتار ڪرڻو آهي ته پوءِ سليڪٽ وزيراعظم کان شروعات ڪريو.