سردار علي محمد مهر دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو،سوڳ ۾ گهوٽڪي جون مارڪيٽون بند

ڏهرڪي (رپورٽ:وجي ڪمار) پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ۽ وزير سردار علي محمد مهر دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سردار علي محمد مهر سينيئر سياستدان هو ۽ 2002ع کان 2004 تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو،سندس خانداني ذريعن تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته علي محمد مهر خانپور ۾ پنهنجي رهائشگاهه ۾ دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو آهي، علي محمد مهر 2018ع جي چونڊن ۾ اين اي 205 تان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو،سردار علي محمد خان مهر جي لاڏاڻي سبب ضلعي گهوٽڪي ۾ سموريون مارڪيٽون بند ڪيون ويون آهن ۽ ماڻهن جي وڏي تعداد علي محمد خان مهر جي رهائشگاهه تي تعزيت لاءِ پهچڻ شروع ٿي وئي آهي،اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سردار علي محمد مهر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ سندن وارثن سان تعزيت ڪئي آهي،اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي به سردار علي محمد مهر جي وفات تي تعزيت ڪئي آهي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *