ڪراچي: (م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته مخالف ڌر جي افطار پارٽي سان حڪومت پريشان ٿي وئي آهي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته جمهوريت ۾ مخالف ڌر جي بيٺڪ لڳندي رهندي آهي. مخالف ڌر جي هڪ افطار پارٽي سان حڪومت پريشان ٿي وئي آهي. افطار پارٽي ۾ ايندڙ وقت جي لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو.پ پ اڳواڻ چيو ته حڪومت پاڻ مڃيو آهي ته هو ناڪام ٿي وئي آهي. ڊالر جي قيمت وڌي وئي آهي. مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي. پهريان بجيٽ ٺاهڻ ۾ اسان کي آءِ ايم ايف تجويز ڏيندي هئي هاڻ آءِ ايم ايف ئي پورو بجيٽ ٺاهي رهي آهي. پارليامينٽ کي ٻڌايو وڃي ته آءِ ايم ايف وٽ ڇا گروي رکيو ويو آهي. خورشيد شاهه چيو ته جيترا الزام عبدالعليم خان تي آهن ان کان اڌ به شرجيل ميمڻ مٿان ناهن. پر تحريڪ انصاف کي انصاف نه ملندو ته پوءِ ڪنهن کي ملندو. عليم خان جي ضمانت تي آزادي سان عمران خان ۽ نيب جو ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿي ويو آهي. جيڪڏهن هي ڳٺ جوڙ ناهي ته پوءِ شرجيل ميمڻ کي 2 سالن لاءِ ضمانت ڇو نٿي ملي. ڏيکارڻ جي لاءِ عبدالعليم خان جي قرباني ڏني وئي.