پ پ ۽(ن) ليگ ڇُٽل ڪارتوس آهن پاڪستان جي عوام عمران خان سان گڏ آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد: (بيورو) وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ مخالف ڌر جي اجلاس تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي پارٽين کي عوام جي نه پر اقتدار جي تڪليف آهي ۽ ڪرپشن جي سياست سبب کين عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هي سڀ ڇُٽل ڪارتوس آهن. هڪ طرف حق ۽ سچ ۽ ٻئي طرف  ڪوڙ آهي. هي ماڻهو ڪهڙي منهن سان عوام جي ڳالهه ڪري رهيا آهن هن چيو ته هنن ٻنهي پارٽين عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي عوام سندن چالبازين کي سمجهي ٿو. پاڪستان جي عوام عمران خان ۽ حڪومت سان گڏ آهي.هوڏانهن وفاقي وزير شيرين مزاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مزي جي ڳالهه اها آهي ته مخالف ڌر جي ڪُل جماعتي ڪانفرنس جي صدارت اهو مولانا فضل الرحمان ڪندو جيڪو پاڻ اسيمبلي جو ميمبر به نٿو چونڊجي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *