عوام جو ايترو تيل نڪري ويو آهي جو هاڻ ايڪسپورٽ به ٿي سگهي ٿو:خورشيد شاهه

اسلام آباد: (بيورو)  پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڊالر جو اگهه وڌڻ سان قرضن جو بار به وڌي ويو آهي، عوام جو تيل ايترو نڪري ويو آهي جو ايڪسپورٽ به ٿي سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته هڪ طرف عمران خان تيل ۽ گئس نڪرڻ جي دعويٰ ڪندو رهيو ته ٻئي طرف وري سندس صلاحڪار چون ٿا ته 20 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود ڪجهه نه نڪتو آهي پر عوام جو تيل ايترو نڪتو آهي جو ايڪسپورٽ به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پهريون بجيٽ آءِ ايم ايف جي مشوري سان ٺهندي هئي پر هاڻي آءِ ايم ايف بجيٽ پاڻ ٺاهي رهي آهي اها تبديلي آهي، آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدو ڪو نيو ڪليئر ٺاهه ناهي تنهن ڪري ٺاهه پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن معاهدو پارليامينٽ ۾ پيش نه ٿو ڪيو وڃي ته مطلب پارليامينٽ کي ڪجهه نه ٿا سمجهن.سندس چوڻ هو ته معيشت رياست جي ڪرنگهه جي هڏي هوندي آهي، معيشت جي خراب صورتحال حڪومت جي ناڪامي آهي،  پاڙيسري ملڪن جي معيشت بهتر ٿي ڪري ناهي، عمران خان معيشت کي اهڙي هنڌ پهچايو جيڪو سڀني لاءِ چئلينج آهي. خورشيد شاهه چيو ته مخالف ڌر لاءِ هڪ پيج تي هئڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي، موجوده حالتن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ويهڻو پوندو.هن چيو ته ڊالر جي اڏام ملڪي معيشت تي هڪ وڏي ضرب آهي، اسد عمر پنهنجي ناڪامي جو اظهار ڪري چڪو آهي، پنهنجي مقرر ڪيل ايف بي آر چيئرمين کي پاڻ ئي هٽايو ويو آهي، اسان حالتن جي بهتري جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، حالتون خراب نه ٿا ڪرڻ چاهيون، حڪومت هلائڻ سياستدانن جو ڪم آهي سليڪٽڊ شخص جو ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *