اسلام آباد: (بيورو) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري مفتي منيب الرحمان ۽ مفتي شهاب الدين پوپلزئي کي چنڊ ڏسڻ جي دعوت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان ۽ پشاور جي مسجد قاسم علي خان جي سربراهه مفتي شهاب الدين پوپلزئي کي چنڊ ڏسڻ جي دعوت ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته مفتي منيب الرحمان ۽ شهاب الدين پوپلزئي کي چنڊ ڏسڻ جي دعوت موڪلي رهيو آهيان، ٻئي مفتي مون وٽ اچن ۽ ڏسن ته چنڊ ڪيئن گردش ڪندو آهي. فواد چوڌري چيو ته سائنسي نموني سان چنڊ ڏسڻ جو هي سولو طريقو آهي، چنڊ ڏسڻ لاءِ گهڻي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت ناهي.ياد رهي ته رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چيئرمين رويت هلال ڪميٽي مفتي منيب الرحمان ۽ فواد چوڌري وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي ۽ وفاقي وزير هڪ قمري ڪلينڊر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن تي مفتي منيب وفاقي وزير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو جڏهن ته فواد چوڌري دعويٰ ڪئي هئي ته چنڊ ڏسڻ لاءِ 36 کان 40 لک روپيه خرچ ايندو آهي.