اليڪشن ڪميشن: مريم نواز خلاف تحريڪ انصاف جي ڏنل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: (بيورو) اليڪشن ڪميشن مريم نواز خلاف تحريڪ انصاف جي ڏنل درخواست 27 مئي تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن کي اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس ملي ويو آهي.مريم نواز خلاف درخواست مليڪه بخاري، جويريه ظفر ۽ ڪنول شوذب داخل ڪئي هئي. تحريڪ انصاف جي عورت پارٽي ميمبرن مريم نواز کي پارٽي جي نائب صدارت ڏيڻ جو فيصلو چيلنج ڪري رکيو هو جيڪي اليڪشن ڪميشن سامهون پيش ٿي پنهنجي موقف کي قانوني انداز ۾ پيش ڪنديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *