نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي عيد کانپوءِ حڪومت خلاف احتجاج جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور: (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي بيروزگاري، ايمنسٽي اسڪيم ۽ مهانگائي تي حڪومت خلاف احتجاج جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد مسلم ليگ ن جي تاحيات اڳواڻ نوازشريف سان پارٽي جي اهم اڳواڻن ملاقات ڪئي ملاقات ڪندڙن ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، خواجه آصف، پرويز رشيد، رانا تنوير، طلال چوڌري، سائره افضل تارڙ ۽ عباس آفريدي شامل آهن. پارٽي اڳواڻن نوازشريف کان سندس طبيعت پڇي جنهن تي نوازشريف جواب ۾ چيو ته الحمدالله هاڻ ٺيڪ آهيان ۽ روزا به سٺا وڃي رهيا آهن.هوڏانهن مسلم ليگ ن اڳواڻن جي نواز شريف سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب نواز شريف مسلم ليگ ن اڳواڻن کي حڪومت خلاف احتجاج جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. مسلم ليگ ن ڊالر جي اگهه ۽ مهانگائي خلاف تحريڪ جي شروعات ڪندي.  ذريعن موجب مسلم ليگ ن حڪومت خلاف تحريڪ جي شروعات عيد کانپوءِ ڪندي. نواز شريف قيادت کي احتجاجي حڪمت عملي لاءِ اجلاس طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. احتجاج ڪهڙي نوعيت جو هوندو ايندڙ ملاقات ۾ نواز شريف کي بريفنگ ڏني ويندي. نواز شريف شاهد خاقان عباسي کي حڪومت خلاف حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، شاهد خاقان عباسي مرڪز ۽ صوبن ۾ پارٽي گڏجاڻيون طلب ڪندو. ان موقعي تي نواز شريف چيو ته مسلم ليگ ن هاڻي مهانگائي تي خاموش نه ويهندي، حڪومت عوام سان جيڪو رويو اختيار ڪيو اهو قبول ناهي، اخبارن ۾ مهانگائي ۽ ڊالرن جي اڏام جو پڙهي  پريشان آهيان.  هن چيو ته ايمنسٽي اسڪيم تي تنقيد ڪندڙ ڪهڙي منهن سان پنهنجي اسڪيم آڻي رهيا آهن، حڪومت جي عوام کي رليف ڏيڻ جي نيت ئي ناهي.ذريعن موجب(ن) ليگ ڊالر جي وڌندڙ قيمت، بيروزگاري، ايمنسٽي اسڪيم ۽ مهانگائي خلاف عيدالفطر کان پوءِ ڀرپور تحريڪ جي شروعات ڪندي نوازشريف پارٽي کي احتجاج جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پر احتجاج ڪهڙي قسم جو هوندو ان حوالي سان ايندڙ ملاقات ۾ نوازشريف کي بريفنگ ڏني ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *