حڪومت کي عوام دشمن پاليسين تي ٽف ٽائيم ڏينداسين: احسن اقبال

لاهور: (م ڊ)  ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت کي معيشت هلائڻ جي سوچ سمجهه ئي ناهي، روپئي کي فوٽ بال بڻائي ڇڏيو آهي جنهن تي هر روز ڪڪون  لڳي رهيون آهن.تفصيل موجب ڊالر ۾ ٿيل بي پناهه اضافي تي پنهنجي رد عمل ۾ اڳوڻي  گهرو وزير چيو ته حڪمران اڌارا صلاحڪار وٺي نئون پاڪستان ٺاهي رهيا آهن معيشت تي عمران خان عوام کي صدي جو سڀني کان وڏو ڌوڪو ڏنو آهي. ڇو ته  هو عوام کي اها سهوليت نه ڏئي سگهيو آهي جنهن جي هن دعويٰ ڪئي هئي.احسن اقبال وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري پيدا ڪئي آهي هاڻ اسان حڪومت کي غريب دشمن پاليسين تي ٽف ٽائيم ڏينداسين ۽ مسلم ليگ(ن) غريب عوام جو ڪيس وڙهندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *