حڪومت پنهنجي پهرين ٽيڪس ايمنسٽي ۽ اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو) وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کي صدارتي آرڊيننس ذريعي لاڳو ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ايمنسٽي اسڪيم تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ڪابينا اتفاق راءِ سان اسڪيم جي منظوري ڏني.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا کان منظوري ملڻ بعد ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم کي صدارتي آرڊيننيس جي ذريعي لاڳو ڪيو ويندو ۽ اڄ ئي صدر عارف علوي ايمنسٽي اسڪيم جو صدارتي آرڊيننس جاري ڪندو.  ذريعن موجب 30 جون 2019 تائين اثاثا ظاهر  ڪرڻ وارن تي 5 فيصد، 30 سيپٽمبر تائين اثاثا ظاهر ڪرڻ وارن جي لاءِ 10 فيصد ۽ 31 ڊسمبر تائين اثاثا ظاهر ڪرڻ وارن جي لاءِ 20 فيصد ٽيڪس جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب پرڏيهي اثاثا ظاهر ڪرڻ وارن تي پاڪستان  ٺاهيو سرٽيفڪيٽ ۾ سرمايه ڪاري جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته پرڏيهي اثاثا پاڪستان  آڻڻ جي به تجويز شامل آهي. پاڪستان ۾ رهندڙ 4 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري اثاثا ظاهر ڪري سگهن ٿا، پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهو به 6 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري سگهن ٿا.  ذريعن موجب ايمنسٽي اسڪيم 30 جون 2019ع تائين ختم ٿي ويندي جنهن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. ذريعن موجب رئيل اسٽيٽ سيڪٽر کي به ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته 30 جون تائين پراپرٽي ڊڪليئر ڪرڻ وارن تي هڪ فيصد، 30 سيپٽمبر تائين پراپرٽي ڊڪليئر ڪرڻ وارن جي لاءِ 2 فيصد ۽ 31 ڊسمبر تائين پراپرٽي ڊڪليئر ڪرڻ وارن جي لاءِ 4 فيصد ٽيڪس جي تجويز آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪيم جو عمل بي نامي بينڪ اڪائونٽن تي به هوندو  جنهن جي تحت بي نامي اڪائونٽن جي ٽرانزيڪشن پهرين جولائي 2017ع کان 30 جون 2018ع تائين جي ٽرانزيڪشن تي عمل ٿيندو. ان ڊڪليئر سيلز ظاهر ڪرڻ تي 3 فيصد ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سال 2000کان پوءِ سرڪاري عهدو رکڻ وارا ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو نٿا کڻي سگهن ۽ اها اسڪيم سمورن ماڻهن ۽ ڪمپنين تي لاڳو ٿيندي.  ذريعن ٻڌايو ته ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي لاءِ به نه هوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *