ڪراچي/ اسلام آباد: (بيورو/م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اها جيڪي نيب گردي آهي، ان جي پويان اسان ڄاڻون ٿا ته ڪير آهي.پ پ چيئرمين اڱاري واري ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته ٽن نسلن کان اسان مقابلو ڪندا پيا اچون، اسان هاڻ رڪڻ وارا ناهيون، قومي احتساب بيورو(نيب) راولپنڊي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻيهر طلب ڪيو آهي.بلاول ڀٽو زرداري کي 17 مئي تي نيب اولڊ هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي 17 مئي تي ٻيهر طلب ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي پارڪ لين ڪمپني ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو کي پارڪ لين ڪمپني ڪيس ۾ سوالنامي جو جواب آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب ۾ پهرين پيشيءَ تي آصف زرداري ئي گهڻي قدر بلاول ڀٽو زرداري جا جواب ڏيندو رهيو نيب طرفان هاڻي بلاول کي اڪيلي طلب ڪيو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو کي پارڪ لين ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. پارڪ لين ڪيس ۾ اربين روپين جي ٽرانزيڪشن جعلي بئنڪ اڪائونٽن مان ڪرڻ جو الزام آهي. نيب جي جاچ ٽيم بلاول جو بيان رڪارڊ ڪندي. ياد رهي ته بلاول ڀٽو زرداري ان کان اڳ 20 مارچ تي به پنهنجي پيءُ آصف علي زرداري سان گڏ نيب کي بيان رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کان نيب آفيس ۾ لڳ ڀڳ 2 ڪلاڪن تائين پڇاڳاڇا ڪئي وئي.نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري کان پارڪ لين ڪمپني سميت 2 ڪيسن جي حوالي سان مختلف سوال پڇيا ويا هئا. آصف زرداري چيو هو ته جنهن ڪمپني بابت سوال آهن اها 28 سال پهريان ٺاهي وئي هئي ان جي باري ۾ مون کي گهڻو ياد ناهي. بلاول ڀٽو کان به پارڪ لين ڪمپني بابت سوال پڇيا ويا هن چيو ته جڏهن هي ڪمپني ٺاهي وئي ته ان وقت آئون تمام گهڻو ننڍو هئس. بلاول چيو ته هو سوالن جا جواب لکت ۾ ڏيندو. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ پلوشه خان چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي ڪالهوڪي ٽوئيٽ تي نيب ڪاوڙ ۾ آهي. ان مان ثابت ٿي رهيو آهي. نيب جو عمران نيازي سان جذباتي رشتو آهي. بلاول ڀٽو جي سرگرم ٿيڻ سان سلطنت نيازي گهٻرائجي وڃي ٿي. پلوشه خان چيو ته يقين سان ڪابينا جي ميٽنگ ۾ بلاول ڀٽو کي نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي. نيب جي اصليت بي نقاب ٿي چڪي آهي. انشاءَالله عدالتن ۾ نيب کي ڪوڙو ثابت ڪنداسين.