اسلام آباد: (بيورو) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان ٻڌائي ته هاڻ ڪهڙن چورن ۽ ڌاڙيلن جي لاءِ اسڪيم آڻي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جو اعلان پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي ها.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم ايوان ۾ آيو ۽ خاموشي سان هليو ويو. ان مسئلي تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي. عمران خان کي آءِ ايم ايف بابت ڳالهائڻ گهرجي ها. خورشيد شاهه مطالبو ڪيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 50 فيصد اضافو ڪيو وڃي.ملازمن جي پگهارن ۾ 2012ع کان مناسب اضافو ناهي ٿيو. ملازمن جي پگهار بابت ڳالهائيندي خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته هن بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري ملازم جي پگهار 50 فيصد وڌائي وڃي. جيڪڏهن سرڪاري ملازمن جي پگهار نه وڌائي وئي ته هو ٻار اڳيان نه پڙهائي سگهندا.هن وڌيڪ چيو ته مزدورن جي پگهار به گهٽ ۾ گهٽ 25.000 هزار روپيه مقرر ڪئي وڃي.