ايمنسٽي اسڪيم جو مقصد ڪاري ناڻي کي اڇي ناڻي ۾ تبديل ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو آهي: حفيظ شيخ

اسلام آباد: (بيورو): وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جو چوڻ آهي ته ايمنسٽي اسڪيم جو مقصد ڪاري ناڻي کي اڇي ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو اهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄ ڪابينا ۾ ان جي منظوري ڏني وئي. ماڻهو 31 جون تائين هن اسڪيم ۾ شامل ٿيندا.ڪابينا گهڻا فيصلا ڪيا آهن، جڏهن ته اهن فيصلو اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم آهي. اسڪيم جو مقصد ڪاري ناڻي کي اڇي ناڻي ۾ تبديل ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو آهي.هن چيو ته اسڪيم جو مقصد روينيو نه پر معيشت دستاويزي بڻائڻو آهي، جيئن معاشي ڦيٿو هلي سگهي. هي سادي، سمجهه ۾ اچڻ واري ۽ حقيقت تي ٻڌل اسڪيم آهي. هن جو مقصد ڪنهن کي ڊيڄارڻ يا ڌمڪائڻ ناهي، پر ڪاروبار جي لاءِ حوصلا افزا آهي.حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته صرف پبلڪ آفيس هولڊر اسڪيم حاصل نه ڪري سگهندا، جڏهن ته ملڪي اثاثا 4 سيڪڙو ڏئي قانوني ٺاهي سگهجن ٿا. جڏهن ته پئسا بئنڪ اڪائونٽ ۾ رکڻا پوندا. بي نامي اڪائونٽس ۽ پراپرٽيز کي به ظاهر ڪري سگهجي ٿو. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته بجلي جي قيمت جيڪڏهن وڌي ته اها 300 يونٽن کان گهٽ استعمال ڪندڙن تي اثر نه وجهندي، احساس پروگرام جو بجيٽ 180 ارب رپيا ڪيو ويندو. جڏهن ته ترقياتي پروگرام جو آئنده سال بجيٽ 800 ارب رپيا رکيا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *