سموريون پارٽيون فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ متفق آهن: وزيراعظم

اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فاٽا سان سموري قوم بيٺل آهي، سموريون پارٽيون فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ متفق آهن، فاٽا جو عوام چاهي ٿو ته سندن آواز به ٻڌو وڃي، سمورن صوبن کي درخواست آهي ته فاٽا  لاءِ ترقياتي منصوبن جي رقم ۾ حصو وڌو وڃي.قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته فاٽا جو عوام چاهي ٿو ته هو به قومي ڌارا ۾ شامل ٿي وڃن، فاٽا بابت بل تي سمورين سياسي پارٽين اتفاق ڪيو، اتفاق ڪرڻ تي سمورين سياسي پارٽين جو ٿورائتو آهي. هن چيو ته فيصلو ڪيو هو ته سمورا صوبا اين ايف سي ايوارڊ مان ٽي سيڪڙو فاٽا کي ڏيندا، فاٽا ۾ دهشتگردي خلاف جنگ سبب وڏو نقصان ٿيو،  فاٽا ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ وڏي رقم جي ضرورت آهي.سندس چوڻ هو ته ڪي پي جي ترقياتي فنڊ مان فاٽا جا ترقياتي منصوبا مڪمل نه ٿا ٿي سگهن، سمورن صوبن کي درخواست آهي ته فاٽا لاءِ ترقياتي منصوبن جي رقم ۾ حصو وڌو وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي زندگي ۾ هڪ حادثو ٿيو، اوڀر پاڪستان الڳ ٿيو، اوڀر پاڪستان محروميءَ جي احساس سبب الڳ ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙن کي محروميءَ جو احساس نه هئڻ گهرجي، محروميءَ جو احساس ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي قدم کڻڻا پوندا، دشمن ڪجهه علائقن ۾ محروميءَ جي احساس کي استعمال ڪري رهيو آهي.وزيراعظم عمران خان چيو ته بلوچستان، سنڌ ۽ فاٽا سميت سمورا ماڻهو پاڪستاني آهن. هن چيو ته فاٽا ۾ جيترو نقصان ٿيو اهي ان کي صرف ڪي پي ڪي پورو نٿو ڪري سگهي. فاٽا جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن صوبن کي مالي مدد ڪرڻي پوندي. هر صوبو فاٽا کي 10 سالن جي لاءِ اين ايف سي ايوارڊ مان 3 فيصد ڏيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *