اسلام آباد: (بيورو) سي ايس ايس جو امتحان هاڻ اردو ۾ به ڏئي سگهجي ٿو، سينيٽ ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي. مٿين ايوان سينيٽ ۾ اڄ قرارداد منظور ڪئي آهي.جنهن تحت سي ايس ايس جو امتحان هاڻ اردو به ڏئي سگهجي ٿو. حڪومت جي طرفان قرارداد جي مخالفت ڪئي وئي آهي. سي ايس ايس جو امتحان انگريزي بدران اردو ۾ وٺڻ جي قرارداد سينيٽر سراج الحق اڄ ايوان ۾ پيش ڪئي.قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اعليٰ ترين مرڪزي ملازمتن جو امتحان انگريزي بدران اردو ۾ ورتو وڃي. حڪومت جي طرفان قرارداد جي مخالفت ڪئي وئي آهي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير علي محمد خان چيو ته سي ايس ايس ۾ 45 اختياري ۽ 6 لازمي مضمون آهن. يونيورسٽين ۾ لازمي مضمون انگريزي ۾ پڙهايا ويندا آهن. سي ايس ايس جي امتحان ۾ ٻولي جي چونڊ اختياري هئڻ گهرجي.سينيٽر سراج الحق ان موقعي تي ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته فيڊرل پبڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جي رپورٽ موجب 5 سيڪڙو اميدوار لازمي مضمون پاس ڪندا آهن. سينيٽر سراج الحق چيو ته اردو زبان ۾ مقابلي جو امتحان ڪرائي اسان ترقي ڪري سگهون ٿا.سينيٽ جي چيئرمين چيو ته قرارداد ۾ اردو کي اختياري ڪري ٿا ڇڏيون. سي ايس ايس امتحان ۾ انگريزي سان گڏوگڏ اردو جي آپشن واري قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي.