ڪراچي: (م د) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان علاج معالج جون مهيا ڪيل بهترين سهولتن مان نه صرف سنڌ جي عوام پر سڄي ملڪ مان اچڻ وارا مريض به مستفيد ٿي رهيا آهن.بلاول ڀٽو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وبائي ۽ ٻين ڦهلجندڙ بيمارين جي روڪٿام جي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ حڪومت طرفان صحت سان لاڳاپيل معاملن تي بلاول هائوس ۾ منعقد ڪيل بريفنگ ۾ ڪيو.بريفنگ ۾ سنڌ جو وڏ وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ مرتضيٰ وهاب کانسواءِ صحت کاتي جا آفيسر به موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جو نيٽ ورڪ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عوام کي عالمي معيار جي صحت جون سهولتون چوويهه ڪلاڪ فراهم ڪري رهي آهي.