جعلي اڪائونٽس ڪيس: نيب آصف زرداري کي سورنهن مئي تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: (بيورو) نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي 16 مئي تي هڪ دفعو ٻيهر طلب ڪيو آهي.قومي احتساب بيورو(نيب) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي 16 مئي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. آصف زرداري کي 16 مئي تي نيب اولڊ هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي.نيب ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي  هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. هريش اينڊ ڪمپني پارڪ لين ڪمپني جي فرنٽ ڪمپني آهي هريش اينڊ ڪمپني سنڌ حڪومت کان واٽر سپلاءِ جو ٺيڪو حاصل ڪيو. نيب ذريعن موجب سنڌ ۾ واٽر سپلاءِ جي رٿا تي ڪم نه ڪيو ويو، هريش اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽ مان نئون ديرو هائوس تي خرچ ڪيو ويو. ذريعن موجب آصف زرداري کي گذريل هفتي به هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو هو.  اڳوڻي صدر احتساب عدالت ۾ پيشي ۽ ٻين مصروفيتن سبب 15 ڏينهن جو وقت طلب ڪيو هو.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ورتل ضمانت 15 مئي تي ختم ٿي رهي آهي.ٻئي طرف نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ضمانت واري درخواست تي جواب به تيار ڪيو آهي. ياد رهي ته آصف زرداري 9 مئي تي نيب کان معذرت ڪندي 15 ڏينهن جي مهلت گهري هئي. پر نيب طرفان 15 ڏينهن جي مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *