ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو 12 مئي سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته آمريت ۽ دهشتگردن گڏجي 12 مئي تي شهر ۾ رت جي راند کيڏي، هي واقعو وسارڻ جوڳو نه آهي، 12 مئي ۾ ملوث ڪردار عمران خان جي حڪومت جو حصو آهن، 12 مئي سانحي جي ورسي تي پيغام ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته هن رتو ڇاڻ کي 12 سال گذري ويا، جڏهن ته هي ڏينهن اڄ به تازو آهي، مان 12 مئي سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، پ پ ڪارڪنن عدليا جي آزادي لاءِ قربان ٿي ويا، پ پ ڪارڪنن کانسواءِ آزاد عدليا جي جنگ مڪمن نه هئي، پيپلز لايرز فورم ۽ وڪيل برادري اڳوڻي آمر کي شڪست ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سانحي ۾ ملوث ڪردارن جي وفاقي حڪومت پٺ ڀرائي ڪري رهي آهي.