آصف علي زرداري جي پندرنهن مئي تائين ضمانت منظور

اسلام آباد: (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گڏيل ضمانت ۾ 15 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ڊويزن بئنچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف علي زرداري جي درخواست تي 5 لک روپين جي مچلڪن عيوض گڏيل ضمانت منظور ڪندي نيب کان لکت ۾ جواب گهري ورتو آهي. آصف علي زرداري پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو سان گڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ملڻ کان پوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صحافين سان ڳالهائيندي حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ جو به اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. آصف علي زرداري چيو ته حڪومت جي خلاف سياسي تحريڪ ته هلائي ويندي پر تحريڪ ڪڏهن هلندي اصل سوال اهو آهي.صحافي طرفان کانئس سوال ڪيو ويو ته خان صاحب اين آر او نه ڏيڻ وارو بيان هر دفعي ورجائي رهيو آهي ان باري ۾ توهان ڇا چوندو.؟ ان تي  آصف زرداري چيو ته خان صاحب ڪٿي پاڻ کي اين آر او نه ڏئي وجهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته گورنر اسٽيٽ بئنڪ کي مقرر ڪرڻ پاڪستان جي غلطي آهي. پاڪستان جي معاشي تاريخ ۾ اها ڳالهه ياد رکي ويندي. منهنجي هي ڳالهه ياد رکو پاڪستان آءِ ايم ايف جي ملازم کي اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر مقرر ڪري وڏي غلطي ڪئي آهي. آصف علي زرداري پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. نيب کيس 9 مئي تي گهرايو آهي. خدشو آهي ته ڪٿي مون کي گرفتار نه ڪيو وڃي.آصف علي زرداري عدالت کي اپيل ڪئي ته کيس گرفتاري کان اڳ ضمانت ۽ سمورن ڪيسن جي تفصيل به فراهم ڪئي وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو ڪوبه خدشو ناهي ته درخواستگذار ضمانت ملڻ تي رڪارڊ ۾ ڪا ٽيمپرنگ ڪندو. ذريعن جو چون آهي ته آصف زرداري کي گڏيل جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۽ سنڌ حڪومت کان غيرقانوني ٺيڪا وٺڻ جي ڪيس ۾ جاچ جي سلسلي ۾ گهرايو ويو هو. اڳوڻي صدر پاڪستان کي نيب اولڊ هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت هريش اينڊ ڪمپني کي غيرقانوني ٺيڪا ڏنا. نيب مذڪوره ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ ريفرنس به داخل ڪرايو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *