اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته الله ڪري ميان صاحب جيل ۾ وري بيمار نه ٿي پوي.فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته الله ڪري ميان صاحب جيل ۾ وري بيمار نه ٿي پوي. اميد آهي ته جاتي امرا ۾ ڇهه هفتا گذارڻ بعد نواز شريف جو ذهني دٻاءُ گهٽ ٿي ويو هوندو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نواز شريف هن وقت سياست کان لاتعلق آهي، لائو لشڪر سان روڊ تي نڪرندو ڏسون ٿا ته هو پنهنجي پارٽي يا پنهنجي حڪومت کي للڪاري ٿو. هن چيو ته الله ڪري ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف وري بيمار نه ٿي پوي.ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ضمانت جي مدت ختم ٿيڻ تي اڄ شام جو 6 بجي کيس ڪوٽ لکپت جيل موڪليو ويندو ۽ هو پهرين ڏينهن جيل ۾ ئي افطار ڪندو.