اسلام آباد (اين اين آءِ) نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري کي 9 مئي تي طلب ڪري ورتو، رپورٽ موجب نيب جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ هڪ ٻيو ريفرنس تيار ڪيو آهي جنهن ۾ آصف زرداري ک پڇا ڳاڇا لاءِ 9 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب آصف زرداري کي هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ گهرايو ويو آهي جنهن لاءِ کيس جي آءِ ٽي پاران طلب ڪرڻ جو نوٽيس موڪليو ويو آهي، نيب پاران الزام مڙهيو ويو ته هريش اينڊ ڪمپني سنڌ اسپيشل انيشيٽو کان واٽر سپلاءِ جو ٺيڪو ورتو هو پر ان منصوبي تي ڪو به ڪم نه ٿيو آهي پر ڪمپني جي اڪائونٽ مان نئون ديرو هائوس جا خرچ هلايا پئي ويا، نيب عملدارن موجب هريش اينڊ ڪمپني پارڪ لين جي فرنٽ ڪمپني هئي ۽ هن ڪيس ۾ قومي خزاني کي 60 ملين رپيا نقصان ٿيو، ذريعن موجب اڳوڻو سيڪريٽري اسپيشل انيشيوٽ اعجاز احمد خان ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽ ڪيس جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا نيب اڳيان پيش ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٻنهي گرفتاري کان بچڻ لاءِ ضمانت ڪرائي ورتي آهي.