ڪراچي: (م ڊ) ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج دارالصحت اسپتال جي مالڪن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. ضمانت رد ٿيندي ئي جوابدار عدالت مان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جڏهن ته پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي.دارالصحت اسپتال ۾ معصوم ٻارڙي نشوا جي فوت ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪئي. جوابدارن جي وڪيلن عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته ٻارڙي جي فوتگي جي معاملي ۾ انتظاميه جو ڪوبه ڪردار ناهي ۽ ايف آءِ آر ۾ به مالڪن جو ڪٿي به ذڪر ناهي. 161 بيان ۾ به ڪنهن به ناهي چيو ته چيئرمين يا وائيس چيئرمين سان ملاقات ٿي آهي. اسٽاف جي نااهلي جي حوالي سان به ايف آءِ آر ۾ ناهي چيو ويو. ٻئي بيان ۾ ايمبولينس نه هئڻ جو بيان ڏنو ويو آهي. جوابدارن جي وڪيل چيو ته اصل ايف آءِ آر ۾ صرف اهو لکيل آهي ته غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي آهي. ايف آءِ آر کان پوءِ بيان جي ذريعي واقعي کي ٻئي پاسي کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جاچ ڪندڙ آفيسر جي ذميواري هئي ته هو ڪيس کي بهتر طريقي سان سامهون آڻي. جوابدارن جي وڪيل چيو ته جاچ آفيسر جي ذميواري هئي ته ڪيس کي بهتر طريقي سان سامهون آڻي ها، قتل خطا جو ڪيس ته بڻجي پئي سگهيو پر جاچ آفيسر 302 جو ڪيس به داخل ڪيو، ٻنهي ملازمن جن کان اها غلطي ٿي کين نوڪري تان فارغ ڪيو ويو آهي. ٻڌڻي دوران نينگري جو والد لڙڪ لاڙي ويٺو ۽ چيو ته اسپتال انتظاميه کي سموري صورتحال جي ڄاڻ هئي، نينگري ٻئي اسپتال منتقل ڪرڻي هئي پر هسٽري نه لکي ڏني وئي، انتظاميه جيڪا غلط انجيڪشن لڳائي اها لکي ڏيڻ کان انڪار ڪئي وئي. جوابدارن جي وڪيل پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته اسپتال انتظاميه تي الزام هنيا ويا ته نان تجربيڪار ملازم رکيا ويا. اسپتال کي سيل ڪرڻ به غير مناسب رويو هو. وزيراعليٰ سنڌ جي حڪم تي اسپتال کي سيل ڪيو ويو. صحت واري وزير کي حڪم ڪيو ويو ته ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪيو وڃي. ميڊِا جي دٻاءُ کان پوءِ وزيراعليٰ آءِ جي سنڌ کي چيو ته جيڪو به ملي ان کي گرفتار ڪيو وڃي. ان حوالي سان قائم ڪيل ڪميشن کي پنهنجا پاور استعمال ڪرڻا هئا پر سياسي پريشر سبب ڪيس کي تبديل ڪيو ويو.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻارڙي جي حالت خراب ٿيڻ تي اوهان کيس ڊسچارج ڇو ڪيو.؟ جوابدارن جي وڪيل چيوته اسپتال انتظاميه ان وقت چيو هو ته ڪنهن ٻئي اسپتال کڻي وڃو ته وٺي وڃي سگهو ٿا. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻارڙي جي وارثن اسپتال انتظاميه کي چيو ته اوهان لکي ڏيو غلطي ٿي ته اسان ڊسچارج ڪري رهيا آهيون ڇا ائين ئي آهي.؟ جوابدارن جي وڪيل چيو ته جڏهن ٻارڙي کي لياقت نيشنل اسپتال شفٽ ڪيو ويو ته اسپتال انتظاميه خط لکيو ته هن ٻارڙي جي علاج جا سمورا خرچ دارالصحت اسپتال کڻندو. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ ۽ نينگري جي والد جو موقف ٻڌڻ بعد عامر چشتي ۽ علي فرحان جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي. ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ ٻئي جوابدار جاچ آفيسر سامهون سولائي سان ڀڄي ويا ۽ پوليس کين پڪڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي. جڏهن ته نينگري جي والد اسپتال کولڻ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ معصوم ٻارڙي کي داراالصحت اسپتال ۾ غلط انجيڪشن هنيو ويو هو جنهن سبب کيس ري ايڪشن ٿي پيو هو. جنهن کان پوءِ سندس طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس ٻئي اسپتال ڏانهن اماڻيو ويو هو جتي هو فوت ٿي وئي هئي.