ڪهڙي قانون تحت اسٽيٽ بئنڪ جون نئون گورنر مقرر ڪيو ويو آهي؟: بلاول ڀٽو

اسلام آباد(بيورو)  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته جهڙي طرح اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي هٽايو ويو، اهڙي طرح زبردستي نٿو هٽائي سگهجي. لڳي ٿو ته حڪومت معاشي خودمختياري تي سمجهوتو ڪري رهي آهي.پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته اوچتو ناڻي واري وزير، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي هٽائڻ سنگين مسئلو آهي. حڪومت ۾ قائداڻا صلاحيتون موجود ناهن. لڳي ٿو ته اسان معاشي خودمختياري تي سمجهوتو ڪري رهيا آهيون.هاڻ آءِ ايم ايف فيصلو ڪندو ته ڪير ناڻي وارو وزير، ايف بي آر جو چيئرمين ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ٿيندو؟ اهڙيءَ طرح نظام نه هلي سگهندو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان کي به مشرف خزانو خالي ڪري ڏنو هو.اسان آءِ ايم ايف جي مرضي خلاف نوڪريون ڏيڻ سميت ڪافي اهڙا قدم کنيا جن سان عوام کي رليف مليو. موجوده حڪومت آءِ ايم ايف جي هر ڳالهه مڃي رهي آهي. پرليامينٽ ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر انهن مسئلن کي ڀرپور نموني سان اٿارينداسين.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي اهڙي طرح زبردستي نٿو هٽائي سگهجي. آءِ ايم ايف جي ملازم کي اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر بڻائڻ جو قانون ۾ ڪا به گنجائش موجود ناهي. حڪومت ٻڌائي ته اُن ڪهڙي قانون تحت اسٽيٽ بئنڪ جون نئون گورنر مقرر ڪيو آهي؟

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *