نظريو ختم ٿيندو آهي ته قوم به ختم ٿي ويندي آهي: وزيراعظم عمران خان

سوهاوه: (م ڊ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نظريو ختم ٿيندو آهي ته قوم به ختم ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن اوڀر پاڪستان اسان کان الڳ ٿيو ته ان جو سبب به نظريي جي پوئتي رهجي وڃڻ هو. اسان کي پنهنجي نظريي کي طرف واپس موٽڻو پوندو.هن سوهاوه ۾ القادر يونيورسٽي جي بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي تعيمر رياستي اصولن تي ٿيڻي هئي. اسان تاريخ ۾ به پنهنجي ماڻهن کي انصاف ناهي ڏنو ۽ ان ئي سبب پاڪستان ٽٽو هو.وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته نه نظريو رهيو ۽ نه ئي اڳواڻ پيدا ٿي رهيا آهن. اسان کي فاٽا جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي مدينه جي طرز تي اسلامي رياست بڻجڻو هو.پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسان نه اسلامي رهياسين ۽ نه ئي فلاحي.علامه اقبال اسلامي فلاحي رياست جي تصور کي اجاڳر ڪيو هو. هن چيو ته اهي قومون ختم ٿي وينديون آهن، جن جو نظريو ختم ٿي ويندو آهي.هن چيو ته مدينه جي رياست جا اصول اڄڪلهه اسان کي يورپ ۾ نظر اچن ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *