راولپنڊي: (م ڊ) اڳوڻو گهرو وزير چوڌري نثار علي جو چوڻ آهي ته مان بار بار چئي چڪو آهيان ته هاڻ مان مسلم ليگ (ن) جو حصو ناهيان رهيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ چوڌري نٿار چيو ته مان مسلم ليگ (ن) ۾ هڪ ڊگهو عرصو گذاريو آهي. مان عزت جي خاطر سياست ڪندو آهيان. نه ڪي اقتدار جي خاطر.اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي طرفان (ن) ليگ جا دروازا کليل رهڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار چيو ته مان شاهد خاقان عباسي جو شڪرگذار آهيان ۽ منهنجو هُن جي خاندان سان هڪ تعلق رهيو آهي پر بار بار چئي چڪو آهيان ته هاڻ منهنجو (ن) ليگ سان ڪو به واسطو ناهي رهيو.پنجاب اسيمبلي ۾ حلف کڻڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان ڪيئن صوبائي اسيمبلي جو حلف کڻان؟ جيڪڏهن مان پنجاب اسيمبلي جو حلف کنيو ته هي منافقت هوندي.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته پاڪستان ۾ سياست مصر جي منڊي جو منظر پيش ڪري رهي آهي. معيشت سميت ٻين حوالن سان به پاڪستان جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي. حڪومت تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي اڳوڻي گهرو وزير چيو ته هر ڪنهن کي چور ۽ ڊاڪو چوڻ سان ڪم ناهي هلندو، قوم کي اعتماد ۾ وٺي جنگيون وڙهيون وينديون آهن. هُن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مهانگائي آڪٽوبر ۾ پُڇندس. ايتري قدر ته مهانگائي ايندي جو قوم رڙيون ڪري ڀڄي اٿندي.هُن چيو ته رپئي جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي ۽ پيٽروليم جي قيمتن ۾ واڌ عام ماڻهو جي چيلهه ٽوڙي ڇڏيندي. پيٽروليم مصنوعات ۾ ٽيڪس گهٽائي عوام کي رليف ڏئي سگهجي ٿو. ڀارت جي حوالي سان ڳالهائيندي اڳوڻي گهرو وزير چيو ته پاريسڙي ملڪ ۾ انتهاپسندي عروج تي آهي.