راولپنڊي: (م د) : آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پشتون تحفظ جا ڪجهه ماڻهو پرڏيهي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پشتون تحفظ موومينٽ پاڻ مسئلو ناهي پر پي ٽي ايم جا ڪجهه ماڻهو پرڏيهي عنصرن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن، ڀٽڪيل ماڻهو عوام جي جذٻن کي مجروح ڪري رهيا آهن پر اهي منفي طاقتون پنهنجي سازشن ۾ ڪامياب نه ٿينديون.آرمي چيف جو چوڻ هو ته قوم ۽ هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عظيم ڪردار ادا ڪيو، قوم ۽ پاڪ فوج دهشتگردي خلاف بي پناهه قربانيون ڏنيون، قبائلي عوام دهشتگردي سبب متاثر ٿي جڏهن ته فورسز قبائلين جي مسئلن تي بنا فرق ڪم ڪري رهيون آهن.پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستانين جو مستقبل باصلاحيت نوجوانن سان لاڳاپيل آهي ۽ پائيدار امن طرف اڳڀرائي لاءِ سماجي ترقي پهريون قدم آهي، وقت اچي ويو آهي ته سماجي ۽ معاشي ترقي تي توجهه ڏني وڃي جڏهن ته تعليم اهم شعبو آهي جنهن تي توجهه جي ضرورت آهي.