وزيراعظم مهمند ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

پشاور: (م ڊ)  وزيراعظم عمران خان 800 ميگاواٽ جي مهمند ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. سوات درياءَ تي منڊا هيڊ ورڪس جي جڳهه تي واقع مهمند ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ اڳوڻو چيف جسٽس پاڪستان جسٽس(ر) ثاقب نثار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ(جنرل(ر) مزمل حسين سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.پشاور کان 37 ڪلو ميٽر اتر جي طرف ضلع مهمند ۾ واقع مهمند ڊيم ۾ گڏيل طور تي 12 لک 93 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش آهي. جنهن جي تعمير سان ٻوڏ جي نقصان کان به بچي سگهي  ٿو. ڊيم جي تعمير جي لاءِ گڏيل طور تي خرچ 291 ارب روپيه ايندو. جنهن جي ڊيگهه 213 ميٽر يعني 698.82 فٽ ڊگهي هوندي. جنهن مان سالانه 2862 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهبي.   ڊيم جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان نڪرندڙ نهري سسٽم سان ضلع مهمند جي گڏيل طور تي 16 هزار 667 ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ڪري سگهبو. ڊيم جي تعمير سان ضلعي چارسده ۽ نوشهره جا ڪيترائي علائقا موسمي ٻوڏ کان به بچيل رهندا. ڊيم جو منصوبو پنجن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. يعني 2024ع تائين تيار ٿي ويندو.ياد رهي ته ديامر، ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير جي لاءِ سپريم ڪورٽ فنڊ قائم ڪيا هئا جنهن ۾ فنڊ ريزنگه جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان به قوم ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستان کي هن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي؛

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *