سرحدن کي پرامن رکڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ڀارت طرفان مسلسل جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: (بيورو)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيب قانون ۾ اهڙيون ترميمون آنديون وڃن جيڪي سڀني لاءِ قابل قبول هجن. بدعنوان عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ چاهيون ٿا، ان تي سياست نه ڪرڻ گهرجي.شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اڳوڻي دور حڪومت ۾ اسان قومي احتساب بيورو(نيب) جي قانون ۾ ترميم جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ چاهيو ٿي پر ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهياسين. هن چيو ته مسلم ليگ(ن) وٽ پنجن سالن جو موقعو هو پر اهي به ان ۾ بهتري نه آڻي سگهيا. بهتر احتساب وقت جي اهم ضرورت آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن سبب ادارا متاثر ٿي رهيا آهن جڏهن ته احتساب تي ڪنهن به پارٽي کي ڪوبه اعتراض ناهي. پرڏيهي وزير چيو ته ملڪ ۾ جاري احتساب جو عمل سياست جي نظر نه هئڻ گهرجي. سرحدن کي پرامن رکڻ جي لاءِ بهتر قدم کڻي رهيا آهيون. ڪجهه عناصر نٿا چاهين ته پاڪستان ۽ ايران جا تعلقات بهتر هجن.  پاڪستان سمورن پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپا چاهي ٿو، ڪجهه عنصر چاهين ٿا ته پاڪستان سمورين سرحدن تي ڦاٿل رهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت طرفان روزاني جنگبندي جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، افغانستان وٽ سرحد تي تار لڳائي پئي وڃي، ايران سان به سرحد بابت معاملا هلي رهيا آهن،پاڪستان سمورن پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپا چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪجهه عنصر چاهين ٿا ته پاڪستان، افغانستان ۽ ايران سان ڦاٿل رهي، ايراني پرڏيهي وزير سان منهنجون چار ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو.  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته تربت ۾ نئين هيڊ ڪوارٽر جو فيصلو ٿي چڪو آهي جتي فرنٽيئر ڪور(ايف سي) جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو. ايران جا ڪجهه ماڻهو اغوا ٿيا هئا جنهن کي اسان بازياب ڪرائي ايران جي حوالي ڪيو آهي. جنهن کان پوءِ اتان ڪجهه ماڻهو آيا جن اسان جي 14 ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو جنهن بابت اسان ايران کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ايراني سرحد تي شرپسندي جي ازالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ايران جا پاڙيسري ملڪن سان پنهنجي نوعيت جا لاڳاپا آهن، تازي ايران جي دوري سان گهڻو فائدو ٿيو آهي، دوري سان غلط فهمين جو خاتمو ٿيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر گڏجي ويهي ته جيئن احتساب انتقام نظر نه اچي، عوام ڪرپٽ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي چاهي ٿو، احتساب جي عمل کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، احتساب جي نئين قانون تي مخالف ڌر سان سهڪار لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته ايران سان گڏ اسان جي سرحد 905 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي ۽ اسان جي خواهش آهي ته ان سرحد تي امن رهي. ان لاءِ اسان جي حڪومت ايران جون غلط فهميون ختم ڪرڻ چاهي ٿي. ايران جا ٻين مسلمان ملڪن سان تعلقات بهتر ناهن پر تمام نازڪ آهن. پر پاڪستان سان ايران جا لاڳاپا بهتر آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان بلدياتي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ چاهيون ٿا ته جيئن عوام جا مسئلا سندن درن تي حل ٿي سگهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *