شهباز شريف جي جاءِ تي راڻا تنوير پي اي سي چيئرمين ۽ خواجه آصف پارلياماني اڳواڻ مقرر

اسلام آباد: (بيورو) مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي رانا تنوير حسين کي شهباز شريف جي جاءِ تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي(پي اي سي) جو چيئرمين ۽ خواجه آصف کي قومي اسيمبلي ۾ پارٽي جو پارلياماني اڳواڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ راجا ظفرالحق ۽ خواجه آصف جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي، رانا تنوير، خرم دستگير، مشاهد حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس دوران مسلم ليگ(ن) شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان هٽائي رانا تنوير کي نئون چيئرمين پي اي سي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي هدايت تي ئي راڻا تنوير کي چيئرمين پي اي سي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران شاهد خاقان عباسي خواجه آصف کي پارلياماني اڳواڻ مقرر ڪيو جنهن کان پوءِ پارلياماني اڳواڻن خواجه آصف کي مسلم ليگ(ن) جو پارلياماني اڳواڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي چيو ته خواجه آصف سينئر پارليامينٽرين آهي جنهن کي شهباز شريف جي چوڻ تي پارلياماني اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته مسلم ليگ(ن) جو صدر شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي جنهن وٽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ  کان علاوه قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي پارٽي جو پارلياماني اڳواڻ جو عهدو به هو. شهباز شريف کي نيب آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪيم ۾ گرفتار ڪيو هو ۽  سندس نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو هو جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو هو. ياد رهي ته شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي علاج ۽ پوٽي جي عيادت لاءِ لنڊن ويل آهي ۽ سندس ملڪ واپس نه اچڻ جي باري ۾ مختلف ڳالهيون هلي رهيون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *