اسلام آباد: (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افعان امن عمل جي لاءِ پاڪستان مخلصاڻو ڪوششون ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ افغانستان کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻو پوندو.وفاقي راڄڌاني ۾ پاڪ افغان ٽريڪ ٽو ڊائيلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ مختلف تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. جڏهن ته افغان مسئلي سبب وڏي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن.هن چيو ته تاريخ گواهه آهي ته افغانستان ڪڏهن به ڪنهن سپر پاور کي قبول ناهي ڪيو. خطي ۾ واپار جي لاءِ افغانستان ۾ امن جو هجڻ انتهائي ضروري آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي ڳالهين جو ستون دور ڪامياب رهندو.پرڏيهي وزير چيو ته افغان عمل جي لاءِ نه صرف زلمي خليل زاد سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن پر ٻين ملڪن جا به دورا ڪيا آهن. ان کان علاوه پاڪستان افغانستان جي تعمير جي لاءِ مالي مدد به ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي خواهش آهي ته افغان ڀائر پرامن ماحول ۾ زندگي گذارين.