حڪومت پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو)  حڪومت پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ملتوي ڪري ڇڏي.وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اوگرا طرفان پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ 14 روپين تائين واڌ جي سفارش ڪئي وئي هئي جنهن تي ڪابينا ۾ غور ٿيو.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عوامي ڏکيائين جو احساس ڪندي پيٽرول وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ جي معاملي کي اقتصادي رابطا ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو ۽ ان تي فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته تيل جي قيمت ۾ واڌ بابت ٻيهر معاملو ڏٺو وڃي ۽ اهڙي  طرح جو مڪينزم بڻايو وڃي جو عوام اهو وزن آساني سان کڻي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *