پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت مزدورن لاءِ ڪيترائي عملي اپاءَ ورتا آهن؛وڏو وزير

ڪراچي (30 اپريل 2019) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پهرين مئي سڄي دنيا جي مزدورن/سان اظهار يڪجهتي طور ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن شڪاگو ۾ محنت ڪندڙن سڄي دنيا جي مزدورن جي بنيادي حقن جي اهميت ۽ پنهنجي حيثيت مڃائڻ لاءِ ظلم ۽ جبر سامهون جهڪڻ بدران سندن جانيون قربان ڪري مزدور طبقي جي حقن جي جدوجهد جي تاريخ جوڙي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت مزدورن لاءِ ڪيترائي عملي اپاءَ ورتا آهن. وڏي وزير چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ اِي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ حڪومت تحت اچي ويا آهن ۽ هاڻ سنڌ حڪومت مزدورن جي فلاح ۽ بهبود، علاج ۽ معالج ۽ سندن ٻارن جي تعليم جا انتظام بهتر کان بهتر ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان مزدورن جي زندگيءَ جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ رڳو نعريبازي تي يقين ناهيون رکندا پر عملي اپاءَ وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان مزدورن جي حقن جي حفاظت بهتر انداز ۾ ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سدائين مزدورن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ مزدورن کي حق ڏنا آهن. پهرين مئي جي موقعي تي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم کي ورجايون ٿا ته اسان حڪومتي سطح تي مزدورن جي حقن جو هر قيمت تي تحفظ ڪنداسين ۽ مزدورن لاءِ رهائشي رٿائن، ڪارخانن ۾ محنت ڪندڙن کي سموريون طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ وڌيڪ مزدور دوست اپاءَ ورتا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *