اسلام آباد: (بيورو)) ماحولياتي آلودگي ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ سبب سپريم ڪورٽ پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ماحوليات جي سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو آهي.تفصيل موجب ماحولياتي آلودگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت عظميٰ رمارڪس ڏنا ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ماحولياتي ڪميشن سان تعاون نه پيون ڪن.ان موقعي تي جسٽس عمرعطا بنديال چيو ته ماحولياتي آلودگي انتهائي اهم مسئلو آهي. فيڪٽرين جي چمنين مان زهر ڦهلجي رهيو آهي. زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو ڪوبه بندوبست ناهي. ڇا حڪومت سُتي پئي آهي. جو عدالتي حڪمن تي عمل نه پيو ٿئي. سپريم ڪورٽ ماحولياتي آلودگي ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪريٽري ماحوليات کي طلب ڪري ورتو.