چيئرمين ميونسپل شڪارپور خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 35 ووٽ مخالفت ۾ پيا

شڪارپور (ڊ . ر) چيئرمين ميونسپل شڪارپور خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 35 ووٽ مخالفت ۾ پيا جڏهن ته هڪ ووٽ چيئرمين جي حق ۾ پيو، 5 وڳي تائين پولنگ اسٽيشن هلائينداسين. پرزائيڊنگ آفيسر رحيم بخش ميتلو. تفصيل موجب ميونسپل شڪارپور ۾ چيئرمين ميونسپل شڪارپور بابر عرف سني سنجراڻي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ تي ووٽنگ ڪرائي وئي. رٿ تي ووٽنگ لاءِ پرزائيڊنگ آفيسر ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور رحيم بخش ميتلو پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته اسسٽنٽ اليڪشن ڪمشنر آغا فرمان خان هيو. ووٽنگ جو عمل صبح 11 وڳي کان شروع ٿيو. جيڪو بنا وقفي جي 5 وڳي تائين جاري رهيو. جڏهن ته ان دوران 46 ميمبرن جي ايوان ۾ 36 ميمبر حاضر رهيا. جن مان 35 ميمبرن چيئرمين ميونسپل ڪميٽي سني سنجراڻي تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڪندي سندس خلاف ووٽ ڏنو. جڏهن ته هڪ ميمبر محمد علي سنجراڻي سندس حق ۾ ووٽ ڏنو. جڏهن ته 8 ميمبر غير حاضر رهيا ۽ 46 ميمبرن جي ايوان ۾ 2 ميمبر فوت ٿي چڪا آهن. اليڪشن جي دوران سخت سڪيورٽيءَ جو انتظام ڪيو ويو هيو. جن ۾ رينجرس ۽ پوليس اهلڪار ڪائنات ڪيا ويا هئا. جڏهن ته اعتماد ۽ بي اعتماد جو ووٽ هٿ مٿي ڪري ورتو ويو ۽ هٿ مٿي ڪرڻ دوران سندن ڳڻپ پڻ ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *