سنڌ ڪابينا ٿر ڪول فيلڊ ۽ گهراڻو ڊيم جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: (م ڊ)   سنڏ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ وفاق طرفان ملندڙ اڻپورن فنڊن تي وڏي وزير ۽ ميمبرن طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. وڏي وزير اجلاس دوران چيو ته جيڪڏهن وفاق  طرفان اهڙي طرح ئي فنڊ ايندا رهيا ته اسان پگهارون ئي پوريون ڏئي سگهون ٿا. سمورا ترقياتي ڪم رڪجي ويندا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاق طرفان نو مهينن ۾ ٽي سو اوڻهتر ارب روپيه گهٽ آيا، وفاق کان ڇهه سئو اوڻهتر ارب ملڻا هئا پر چار سو يارنهن  ارب ئي ملي سگهيا، وفاق کان گهٽ فنڊ ملندا رهيا ته  اهي فنڊ پگهارن ۾ ئي پورا ٿي ويندا، ان حساب سان ترقياتي ڪم ڪرائڻ ڏکيو ٿي ويندو.اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا ٿر ڪول فيلڊ ۽ گهراڻو ڊيم جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ بجيٽ جي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو.  اجلاس ۾ پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي چارٽر تي به غور ڪيو ويو، مفتي تقي عثماني تي حملي ۾ شهيد ماڻهن لاءِ امداد جي منظوري، سنڌ ايڪسپلوزو ايڪٽ ٻه هزار اوڻيهه جي منظوري ۽ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ به اجلاس جي ايجنڊا جو حصو آهي.  مفتي تقي عثماني تي حملي ۾ شهيد پوليس ڪانسٽيبل فاروق جي گهر وارن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيه امداد، ٻه نوڪريون ۽ پلاٽ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي. شهيد اهلڪار جي ستن ٻارڙن مان ٽي نابين آهن جن جي علاج جي به منظوري ڏني وئي.  اجلاس ۾ عارضي پيرول تي قيدين جي اختيارن جي آزادي جا اختيار گهرو سيڪريٽري حوالي ڪيا ويا، پيرول تي قيدين جا آزادي جا اختيار پهرين حڪومت وٽ هئا، بي ڪلاس جي سهولت جو اختيار به گهرو سيڪريٽري حوالي ڪيو ويو.صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿرڪول فيلڊ ۽ گهراڻو ڊيم جي متاثرن کي به معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ڄاڻايل علائقن جي متاثرن جو تعداد پنج سئو پنجهتر آهي ۽ هر خاندان کي هڪ هڪ لک روپيه سالياني امداد ڏني ويندي. وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر، ڊيٽا انٽري آپريٽر جي گريڊ ست کان اٺ يارنهن کان ٻارنهن ۽ سورنهن ۾ اپ گريڊيشن تي به غور ڪيو ويو. s.attac

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *