اسلام آباد: (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پرڏيهه علاج لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان پندرنهن صفحن تي ٻڌل نظرثاني درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت اٺاويهه مارچ تي ڇهن هفتن لاءِ مشروط ضمانت ڏني هئي، ضمانت طبي بنيادن تي ڏني وئي، ڇوويهه مارچ جي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ڇهن هفتن دوران ملڪ ڇڏي نه ٿو وڃي سگهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف جي پاڪستان ۾ علاج ڪرائڻ جي پابندي تي نظرثاني ڪئي وڃي، نواز شريف جو علاج اهڙي ڊاڪٽر کان ممڪن آهي جنهن برطانيا ۾ سندس علاج ڪرايو هو، سپريم ڪورٽ طرفان لکيل حڪم نامي ۾ چيو آهي ته نواز شريف ضمانت ۾ واڌ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿو پر لکت حڪم نامي ۾ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو حصو شامل ناهي. سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نواز شريف جي مڪمل صحتيابي ڇهن هفتن ۾ ممڪن ناهي، جڏهن ته پاڪستان، برطانيا، آمريڪا ۽ سوئٽزرلينڊ جي طبي ماهرن موجب نواز شريف جي حياتي کي خطرو آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف کي دل ۽ گڙدن جا مرض آهن، نواز شريف هاءِ بلڊ پريشر، شوگر ۽ گڙدن جي ٽئين درجي جي بيماري جو شڪار آهي، تنهن ڪري رڳو پاڪستان ۾ نواز شريف جي علاج لاءِ پابند ڪرڻ جي ڇوويهه مارچ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي.