لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اي جو ڪنوينشن؛ ملڪ ۾ سالن جو ڦهليل گند صاف ڪرڻ ۾ وقت لڳندو: پير پاڳارو

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي مان چونڊيل ايم پي اي معظم علي خان عباسي جي ڪوٽ تي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس طرفان  ڪنوينشن ڪوٺايو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي سرواڻ پير صبغت ﷲ شاھ راشدي چيو ته سنڌ جي عوام کي سلام ٿو ڪيان، جن جي ڊي اي کي ووٽ ڏنا پر اهي ووٽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٻين جي کاتي ۾ هليا ويا، پيپيلزپارٽي وارن اليڪشن جو نتيجو پئسن ذريعي تبديل ڪيو. هن چيو ته سنڌ جون نوڪريون کپايون ويون، هن چيو ته سياسي پارٽين چون پيون ته هن امن ڪرايو آهي، اهو غلط آهي، پاڪستان جي پاڪ فوج ملڪ ۾ امن ڪرايو آهي.هن چيو ته ضلعي ليول تي تنظيم سازي ڪرائينداسين، جنهن بعد لوڪل گورنمينٽ جي اليڪشن وڙهنداسين، سنڌ جي عوام جي بدقسمتي اها آهي جو فصل تي محنت ڪن ٿا پر حڪومت ڪڻڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي بري حالت آهي ته سنڌ جي هنن ڪهڙي خدمت ڪئي آهي. هن چيو ته پراڻي پيپيلزپارٽي ناهي رهي، هاڻي آصف زرداري نئين پارٽي کي آندو آهي. هن چيو ته عمران خان ڪجهه مهينن ۾ بهتري ڪيئن آڻيندو، تنهن ڪري هن کي وقت ڏنو وڃي، سالن جو ڦهليل گند صاف ڪرڻ ۾ وقت لڳندو ۽ جي ڊي اي ملڪ جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندي. هن چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلين جون شڪايتون ڪيون پر انهن تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ شهريار مهر چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي جو استعمال ڪري سنڌ کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ اسان سنڌي قوم کي ڄاڻي واڻي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي، هاري پريشان آهن، صحت کاتي کي به تباهه ڪيو ويو آهي، ان جي ذميوار پاڪستان پيپلز پارٽي آهي، هن وقت پير پاڳاري کان سواءِ الٽرنيٽ ناهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، جن ادارن کي 12 سالن کان تباهه ڪيو ويو آهي اهي 8 مهينن ۾ بهتر نه ٿا ٿي سگهن، هن چيو ته سنڌ مان لٽيرن کان جان ڇڏرائڻي آهي. 70 \’c2\u1607 \

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *